رمضان دلدار چڍڙ

رمضان دلدار چڍڙ

چڍڙ رمضان دلدار

چڍڙ، رمضان دلدار: ڪهاڻيڪار ۽ محَق محمد رمضان ولد محمد قاسم چڍڙ، 1961ع ڌاري ماتليءَ م جنم ورتو. پرائمري تعليم ماتليءَ مان ورتائين. ننڍپڻ کان ڪتابن ۽ رسالن سان لڳاءَ سبب لکڻ جو آغاز ڪيائين. ڪهاڻيون، مضمون ۽ تحقيق سان دلچسپي رهي اٿس. هيءُ ادبي سنگت ماتليءَ جو سيڪريٽري ۽ صوفي سنگت ماتليءَ جو باني سيڪريٽري جنرل به رهيو اهي. هن ماتليءَ تعلقي جي تاريخ، جاگرافي ۽ شخصيتن تي ڪافي ڪم ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ڪتاب به ڇپيل اٿس. محمد رمضان چڍڙ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) جديد نانيءَ جي جديد ڪهاڻي (ڪهاڻيون)، (2) به واٽي تي بيٺل ڇوڪري (ڪهاڻيون)، (3) چڍڙ- تاريخ جي روشنيءَ ۾ (تحقيق)، ۽ (4) تاريخ ماتلي (تحقيق) وغيره اچي وڃن ٿا.
رمضان ’دلدار‘ چڍڙ ماتليءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو